جميل الدين عالي

جميل الدين عالي

جميل الدين عالي

جميل الدين عالي: اردو ٻوليءَ جو نامور شاعر، اديب ۽ محقق جميل الدين عالي ولد نوابزاده مرزا جميل الدين احمد خان، 1 جنوري 1926ع تي دهليءَ ۾ پيدا ٿيو. اينگلو عريبڪ ڪاليج دهليءَ مان 1944ع ڌاري بي. اي ڪيائين. جميل الدين عالي 1947ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ اچي رهائش پذير ٿيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1976ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز صنعت ۽ واپار واري کاتي ۾ ملازمت سان ڪيائين. اعليٰ ملازمت لاءِ چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي، 1951ع ڌاري پاڪستان ٽيڪسيشن سروس ۾ انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ٿيو. 1959ع ۾ ايوان صدر ۾ خاص آفيسر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ڪاپي رائيٽ، رجسٽرار ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 1966ع ۾ ان ملازمت تان استعيفيٰ ڏنائين. وري 1967ع ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان سان وابسته ٿيو ۽ اورسيز ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي تائين پهتو. اتان ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر جي عهدي تي ترقي ڪري پاڪستان بئنڪنگ ڪائونسل ۾ پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ايڊوائيزر مقرر ٿيو.
جميل الدين عالي 1960ع ۾ پاڪستان جي سفير جي حيثيت ۾ عراق ويو ۽ ڪجهه مشرقي ملڪن جا دورا به ڪيائين. 1961ع ۾ يونيسڪو جي فيلوشپ مليس، يورپ ۽ آمريڪا جو دورو ڪيائين. ٽي دفعا چين ۽ ٽي دفعا روس به ويو.
جميل الدين عالي 1959ع ۾ ’پاڪستان رائيٽرز گلڊ‘ قائم ڪئي، جنهن طرفان ڪيترن اديبن جي ڪتابن سان گڏ شيخ اياز جو ڪتاب ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ به ڇپيو، جنهن تي اڳتي هلي پاڪستان سرڪار بندش وڌي. 1967ع تائين پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو اعزازي مرڪزي سيڪريٽري ۽ 1970ع ۾ ان جو سيڪريٽري جنرل ٿيو. ان کانسواءِ 1959ع کان 1962ع تائين ’انجمن ترقي اردو پاڪستان‘ جي گورننگ باڊي جو ميمبر رهيو ۽ 1962ع کان پوءِ ان جو چيف عالي صاحب رهيو؛ 1959ع کان وٺي اردو ڪاليج ڪراچيءَ جو اعزازي سيڪريٽري؛ ۽ 1967ع ۾ ساڳئي ڪاليج جي ٻنهي حصن (آرٽ ۽ سائنس) جو اعزازي سيڪريٽري ۽ اعزازي ايڊمنسٽريٽر ٿي رهيو. مرڪزي اردو بورڊ لاهور، ترقي اردو بورڊ ڪراچي‘ ۽ ’نئشنل بڪ ڪائونسل آف پاڪستان‘ جي انتظاميا جي ڪاپي رائيٽ ٽريبيونل جو ميمبر رهيو ۽ مقتدره قومي زبان جي انتظامي ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي.
سندس علمي ادبي خدمتن تي کيس صدارتي اوارڊ ’هلال امتياز‘ ۽ اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران ’ڪمال فن اوارڊ‘ ڏنا ويا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’غزلين، دوهي، گيت‘ (شعري مجموعو: 1957ع)، (2) ’نئي ڪرن‘ (1959ع)، (3) ’لاحـاصل‘ (1974ع)، (4) ’جيوي جيوي پاڪستان‘ (قـومي نغما: 1974ع)، (5) ’دنيا تماشه ميري آگي‘ (سـفـرنامو: 1975ع)، (6) ’صدا ڪر چلي، دعا ڪر چلي‘ (ڪالمن جو مجموعو: 1985ع)، (7) ’حرف چند‘ (ڪتابن جا مقدما: 1988ع)، (8) ’اي مري دشت سخن‘ (شعري مجموعو: 1995ع)، (9) ’وفا ڪر چلي‘ (ڪالمن جو مجموعو)، (10) ’Destination Beyond Destination-1996)‘ ۽ (11) ’انگلش- اردو ڊڪشنري‘ (مولف: باباءِ اردو نگران).
جميل الدين عالي 1997ع ۾ سينيٽ جو ميمبر به چونڊيو ويو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي .


لفظ جميل الدين عاليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.01.01  عيسوي

جميل الدين احمد خان ، 1 جنوري 1926ع تي دهليءَ ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز عالم ابڙو
جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي
بلو سي راڻي
سترام داس سائل
ڄام جکرو
ڄام کنگهار (پهريون)
ڄام جمالي
حاجي علي شاهه هنڱورو
حڪيم محمد صادق راڻيپوري
فاروق سولنگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون